- Advertisement -
اوٻاوڙي جي عدالت مان پيشي دوران ٻه ڌاڙيل فرار ٿيڻ جو 12 پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، گهوٽڪي پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رونتي جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڌاڙيڪن جي ٿاڪن کي ڊرون ذريعي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي.
ايس ايڇ او اوٻاوڙو رفيق احمد سومرو جي فرياد تي اوٻاوڙي جي عدالت مان پيشي دوران ٻه ڌاڙيل راهب شر ۽ موريو شر جي فرار ٿيڻ جو 12 پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گهوٽڪي پوليس طرفان فرار ٿي ويل ڌاڙيلن راهب شر ۽ موريو شر جي گرفتاري لاءِ رونتي جي ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي.
پوليس آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ٿاڪن کي ڊرون ڪارروائي ذريعي باهه ڏئي ساڙيو ويو، پوليس کي ڏوهارين جي گرفتاري ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي.- Advertisement -
