اوڏيرو لال ويجھو جوابدار پاران نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.
ڳوٺ شير محمد ٺوڙها ۾ جوابدار پاران نينگريءَ سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.
نينگري جي امڙ جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
نينگري جي امڙ جو چوڻ آھي تھ جوابدار نوشاد ولد حيدربخش خاصخيلي سندس نياڻي سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، نينگري جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.
