- Advertisement -
ايران اسرائيل کي غزا تي حملا بند نه ڪرڻ جي صورت ۾ جنگ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزا تي حملا بند نه ڪيا ته جنگ ۾ نئون محاذ کلي سگهي ٿو.
ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان لبنان جي گادي واري شهر بيروت پهتو جتي لنباني اختيارين سان گڏ حماس ۽ اسلامي جهاد جي نمائندن سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حسين امير عبدالهيان، حذب الله طرف امڪاني اشارو ڏيندي چيو ته غزا جي ناڪابندي ۽ اسرائيلي جنگي ڏوهن جي نتيجي ۾ نئون محاذ کلڻ امڪاني حقيقت آهي.
ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان خبردار ڪندي چيو ته اسرائيل غزا تي حملا بند نه ڪيا ته جنگ ۾ نئون محاذ کلي سگهي ٿو.- Advertisement -
