تازه ترين

ايران بس حادثي ۾ فوت ٿيل 28 ڄڻا اباڻن علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

- Advertisement -
ايران بس حادثي ۾ فوت ٿيل 8 ڄڻن جا مڙهه لاڙڪاڻي، 6 ڄڻن جا ڪنڌڪوٽ، ٽن ڄڻن جا خيرپور، ٻن ڄڻن جا وارهه ۽ هڪ هڪ ڄڻي جو مڙهه ٻٻرلوءِ ۽ سن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا جي نگراني ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل 10 ڄڻن جا مڙهه ۽ 6 زخمين کي جيڪب آباد کان ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو. ايران ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل لاڙڪاڻي واسي وفا جاويد ديناري، زاهد علي سومرو، حبيب الله سومرو،  سلمه بيگم، ريما شاهه، ڪاشف علي شيخ، سلمان مصطفيٰ شيخ، عمران علي ڪلهوڙو، آفاق احمد جوڻيجو ۽ محسن علي جوڻيجو جي اباڻن علائقن ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندن مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. خيرپور جي اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان ڦلپوٽو جي نگراني ۾ ايران حادثي ۾ فوت ٿيل اعجاز علي مڱڻهار، آصف علي سرڪي ۽ محمد بخش خاصخيلي جا لاش جيڪب آباد کان ايمبولنيس ذريعي خيرپور آندا ويا. خيرپور جي پائليٽ اسڪول ۾ فوت ٿيلن جي اجتمائي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز بعد فوتين جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. ايران ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل سيد نظير شاهه جي گهر واري جو مڙهه ايمبولينس ذريعي جيڪب آباد کان ٻٻرلوءِ آندو ويو، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ايران حادثي ۾ فوت ٿيل سن واسي نور محمد کوسو جو مڙهه اباڻي علائقي ۾ پهچائي جنازي نماز بعد شاهه حيدر قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. واضح رهي ايران جي شهر يزد ۾ حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه سي ون ٿرٽي جهاز ذريعي  جيڪب آباد جي شهباز ايئربيس تي آندا ويا هئا. صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه وصول ڪيا هئا. ايمبولينس ذريعي فوتين جا مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته  زخمين کي اسپتال روانو ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
72 %
2.3kmh
45 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون