تازه ترين

ايران ۾ وقت کان اڳ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو

- Advertisement -
ايران ۾ وقت کان اڳ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن بعد ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. عرب ميڊيا موجب ايراني گهرو وزارت تصديق ڪئي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار کي اڪثريت يعني 50 سيڪڙو ووٽ نه ملڻ سبب ايران ۾ 5  جولاءِ تي ٻيهر صدارتي چونڊون ٿينديون، ٻئي مرحلي ۾ مسعود پزيشڪيان ۽ سعيد جليلي ۾ مقابلو ٿيندو. ايراني گهرو وزارت موجب صدارتي چونڊن ۾ هلي تائين 2 ڪروڙ 45 لک ووٽ ڳڻيا ويا آهن، جن ۾ مسعود پيزشڪيان هڪ ڪروڙ 4 لک، سعيد جليلي کي 94 لک ووٽ مليا، محمد باقر کي 34 لک ۽ مصطفيٰ پور محمدي کي 2 لک ووٽ مليا آهن. ايراني ميڊيا موجب صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ جمعي ڏينهن صبح اٺين وڳي شروع ٿي، جنهن ۾ رات ٻارهين وڳي تائين واڌ ڪئي وئي، پولنگ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. ايراني اليڪشن ڪميشن موجب 28 جون تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته 2021ع ۾ ٿيل اليڪشن جو ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو هو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون