- Advertisement -
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مصطفيٰ ڪمال قسم نامو جمع ڪرائي ڇڏيو.
جمع ڪرايل حلف نامي ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن جو دل سان احترام ڪريان ٿو، عدليه ۽ ججن جي اختيار ۽ ساک کي بدنام ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان.
مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته هو عدليه بابت خاص طور تي 16 مئي جي پريس ڪانفرنس ۾ ڏنل بيان تي غير مشروط معافي وٺي ٿو.
هن چيو ته هو عدالت کان معافي جو طلبگار آهي ۽ پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏي ٿو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ عدليه خلاف بيان ڏيڻ تي سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا هئا.- Advertisement -
