- Advertisement -
اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو ڪراچيءَ کان ملتان ويندڙ زڪريا ايڪسپريس جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهڻ سبب اپ ٽريڪ بند ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو آهي.
اسٽيشن ماسٽر جو چوڻ آهي ته اڏيرو لال ويجهو ڪراچيءَ کان ملتان ويندڙ زڪريا ايڪسپريس جي انجڻ خراب ٿي وئي.
اسٽيشن ماسٽر موجب، زڪريا ايڪسپريس کي واپس اسٽيشن تي آندو پئي ويو ته هڪ بوگي پٽڙيءَ تان لهي وئي.
اسٽيشن ماسٽر جو چوڻ آهي ته زڪريا ايڪسپريس جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهڻ سبب ٽريڪ بند ٿي ويو آهي.
اسٽيشن ماسٽر موجب، ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو آهي، جڏهن ٽيڪنيڪل ٽيم پهچي وئي آهي، ٽريڪ جي بحالي جو ڪم جاري آهي.- Advertisement -
