- Advertisement -
ري پبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ پنسلوانيا ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي مخالف ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار ڪملا هيرس جي ذاتيات تي اچي ويو.
هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪملا هيرس کي جوبائيڊن جي مقابلي ۾ هارائڻ وڌيڪ آسان هوندو.
ٽرمپ ڪملا هيرس کي تضحيڪ جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڇا اوهان ڪملا کي کلندي ٻڌو آهي؟ اها هڪ پاڳل جي کِلَ آهي.
ٽائم ميگزين جي تازه شماري جي پهرين ورق تي ڪملا جي تصوير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي ٽرمپ چيو ته هو ان کان وڌيڪ سٺو لڳي رهيو آهي.
ٻئي طرف ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو نيشنل ڪنونشن سڀاڻي ٿيندو، ڪنونشن ۾ ڪملا هيرس جي صدارتي اميدوار طور نامزدگي ۾ واڌ ڪئي ويندي.
ڪملا هيرس اڄ پنسلوانيا ۾ پٽسبرگ کان بس ٽوئر ذريعي پنهنجي چونڊ مهم ۾ حصو وٺندي، هوڏانهن عوام جي راءِ بابت ڪيل سروي ۾ ڪملا کي ٽرمپ مٿان برتري حاصل آهي……- Advertisement -
