- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي سڀاڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي ويندي.
پيپلز پارٽي طرفان ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڀرپور سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسو ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ عام چونڊن جي مهم جي شروعات پڻ ڪئي وئي ويندي.
ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاهه اندر 60 فوٽ ويڪري اسٽيج کي پارٽي جهنڊن، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي.
اڳوڻي آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.
پيپلز پارٽي جا جيالا وڏي انگ ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي قائد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري کين ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.
پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي آخري آرامگاهه ٻاهريان سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ قافلن جو آڌرڀاءُ ڪيو پيو وڃي.
ڳڙهي خدابخش ۾ ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
