- Advertisement -
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جي سلسلي ۾ وڌيڪ ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽن رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي ضابطن جي ڀڃڪڙي جي سلسلي ۾ تحويل ۾ ورتو ويو، رٽائرڊ آفيسرن ۽ سندن ساٿين کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي تحويل ۾ ورتو ويو، ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سندن ساٿين خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٽئي رٽائرڊ آفيسر سياسي مفادن خاطر ۽ ملي ڀڳت سان عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا هئا.
ذريعن موجب، فوجي تحويل ۾ ورتل ٽنهي آفيسرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، گرفتار آفيسرن ۾ 2 رٽائرڊ برگيڊيئر ۽ هڪ رٽائرڊ ڪرنل شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته
2 ڏينهن اڳ پاڪ فوج، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي تحويل ۾ ورتو هو.- Advertisement -
