تازه ترين

باغن جي شهرن لاهور ۾ سموگ جو راڄ برقرار، دنيا جو گدلو ترين شهر قرار

- Advertisement -
باغن جي شهر سموگ جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته لاهور ۾ دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي آهي، اسلام آباد انتظاميه زهريلي گئس خارج ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي فيڪٽرين، بٺن مان زهريلي گئس خارج ٿيڻ، گند ڪچرو ۽ فصک ساڙڻ تي ٻن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. باغن جي شهر سموگ جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته لاهور ۾ دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي آهي. پنجاب جي گادي وارو شهر لاهور سموگ جي خطرناڪ حد پار ڪري ويو جنهن سبب لاهور جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس هڪ 173 تي پهچي وئي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ برسات جو ڪوبه امڪان ناهي، هوا نه گهلڻ سبب سموگ جي شدت برقرار رهڻ جو خدشو آهي. ملتان ۽ پشاور ۾ به سموگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب  شهرين پاران ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ اکيون سڙڻ جون شڪايتون ڪيون پيون وڃن. طبي ماهرن شهرين کي ماسڪ پهري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا زهريلي گئس خارج ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي فيڪٽرين، بٺن مان زهريلي گئس خارج ٿيڻ، گند ڪچرو ۽ فصک ساڙڻ تي ٻن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون