- Advertisement -
شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداريءَ جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي ٽئين پٽ جو نالو مير ذوالفقار رکيو آهي.
بختاور ڀٽو زرداري ۽ سندس ور محمود چوڌري انسٽا گرام تي گڏيل پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته ٽئين پٽ جو نالو چونڊيو ويو آهي.
شهيد راڻيءَ جي نياڻيءَ ٻڌايو ته هن پنهنجي ننڍي پٽ جو نالو نانيَ سان منسوب ڪندي مير ذوالفقار محمود چوڌري رکيو آهي.
بختاور ڀٽو زرداري لکيو ته الله پٽ کي پيارو، محنت ڪندڙ، ماڻهن سان همدردي رکندڙ بڻائي ۽ ان کي سڌو رستو ڏيکاري.- Advertisement -
