تازه ترين

بدقسمتي سان ڪجهه ملڪي معاملن ۾ شفافيت ناهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪجهه ملڪي معاملن ۾ شفافيت ناهي، وفاقي سرڪار سان مسئلن بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، مسئلا آئيني نموني ۽ ارڙهين ترميم تحت حل ٿيڻ گهرجن، سي اي سي کي وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهين تي اعتماد ۾ ورتو ويندو. ڪارساز سانحي جي يادگار وٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو عوام جو آواز هئي، جنهن دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت قبول ڪئي، شهيد راڻيءَ جو قتل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش هئي. سندس چوڻ هو ته پ پ ڪارڪنن آمريت جو مقابلو ڪندي شهادت قبول ڪئي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو واضح خطري باوجود ڏيهه واپس موٽي، سندس مشن کي جاري رکيو ويندو. پ پ چيئرمين چيو ته پ پ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي فلسفي ۽ سياست کي اڳتي کڻي هلي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ملڪي معاملن ۾ شفافيت ناهي، وفاقي سرڪار سان مسئلن بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، مسئلا آئيني نموني ۽ ارڙهين ترميم تحت حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هو خوش ٿيندا جڏهن ڪراچي لاءِ ڪم ڪيو ويندو، ڪراچي جي ترقياتي منصوبن تي وفاق سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جيڪي به ترقياتي ڪم ٿين اهي ارڙهين ترميم موجب ٿين. پ پ چيئرمين چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيل اڳڀرائي وڏي ڪاميابي آهي، غزا امن معاهدو وڏي ڪاميابي آهي پر خدشا برقرار آهن، وچ اوڀر جي صورتحال کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ ۾ ڪيترائي سانحا ٿي چڪا آهن، ڪارساز سانحو به تاريخ جو وڏو سانحو آهي…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
19 %
0.7kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون