- Advertisement -
بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي بعد انجنيئر محمد ال بشير کي شام جو عبوري وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته انجنيئر محمد بشير باغين جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
عرب ميڊيا موجب انجنيئر محمد بشير کي شام جو عبوري وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن اسرائيل شام ۾ گولان جي جبلن تي قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن بعد دمشق تي بمباري ڪئي پئي وڃي.
شام جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿي رهيو آهي.- Advertisement -
