- Advertisement -
بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ چوماسي جي برساتن کانپوءِ پاڻي جي وهڪرن تباهي مچائي ڇڏي.
جعفر آباد ۽ نصير آباد ۾ متاثر کليل آسمان هيٺ امداد جا منتظر آهن جڏهن ته نصير آباد جي برساتي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ جو بحران آهي ۽ ماڻهو علاج ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.
جهل مگسي ۾ روڊ ۽ رستا اکڙي تباهه ٿي ويا، قلعا عبدالله جي ماڇڪا نديءَ ۾ چاڙهه سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي.
زيارت ۽ قلعه سيف الله ۾ ڪيترائي روڊ، پلون ۽ گهر لڙهي ويا.
زيات ڪوئٽا روڊ تي ٽريفڪ معطل آهي جڏهن ته سبي کان ايندڙ گاڏي هيجي ندي ۾ لڙهي وڃڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.- Advertisement -
