- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري واري معاملي بابت جوڊيشل ڪميشن بلوچستان هائيڪورٽ جي جسٽس نعيم اختر افغان جي نالي جي سپريم ڪورٽ جي جج ۽ جسٽس شهزاد احمد کي لاهور هائيڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري واري معاملي بابت جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.
جوڊيشل ڪميشن بلوچستان هائيڪورٽ جي جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
جوڊيشل ڪميشن جسٽس شهزاد احمد کي لاهور هائيڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو.
جوڊيشل ڪميشن جسٽس شهزاد احمد جي نالي جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني.
جوڊيشل ڪميشن ٻنهي نالن جي منظوري ڏئي معاملو پارلياماني ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو.- Advertisement -
