تازه ترين

بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي:سرفراز بگٽي

- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگرد ايترا مضبوط ناهن جو فوجي آپريشن ڪيو وڃي، سندس استعيفيٰ سان دهشتگردي گهٽ ٿئي ٿي ته هو ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته سندس استعيفيٰ سان دهشتگردي ختم ٿئي ته هو ڏئي ڇڏيندو. هن چيو ته دهشتگردي تي ڳڻتي آهي، مذمت جو لفظ ننڍو هوندو، دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر آسان  حدف کي نشانو بڻايو آهي، معصوم ۽ هٿين خالي پورهيتن کي شهيد ڪيو ويو، 30 هزار کان وڌيڪ پورهيت ڪول مائنز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جو ڄمي مقابلو ڪري رهيون آهن، رياست لاءِ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻ ڏکيو ناهي، ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. سرفراز بگٽي چيو ته صوبي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي جي هدايت ڪئي، صحت کاتي  ۾ بهتري لاءِ قابل آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
36 %
2kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون