- Advertisement -
بهرام ويجهو ڦر مزاحمت تي هٿياربند نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا، واقعي خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
مقتول جي وارثن پاران صاحب خان مگسي، غلام قادر، عطا محمد، مهراب علي، الاهي بخش، راحب علي مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر-شهداد ڪوٽ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڳوٺ کڏي ڀرسان هٿياربندن 31 سالن جي نياز حسين مگسي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
