- Advertisement -
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ 36 ورهين بعد ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
بينگلور ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ ٽيم، ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم آخري ڏهاڙي تي ڀارت طرفان مليل 107 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
نيوزيلينڊ طرفان ول ينگ 48 ۽ رچن رويندرا 39 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين اننگلز ۾ رڳو 46 ۽ ٻئي اننگلز ۾ 462 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.
نيوزيلينڊ ٽن ميچن جي سيريز ۾ ٻڙي جي پيٽ ۾ هڪ ميچ جي سرسي حاصل ڪري ورتي- Advertisement -
