بھرام ويجهو پلاٽ جي تڪرار تان سھري هٿان ناٺي بيدردي سان قتل

- Advertisement -
بھرام ويجهو ڳوٺ گل محمد چچا ۾ پلاٽ جي تڪرار تان سھري بندوق جا فائر ڪري ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار معشوق کوسو بندوق جا فائر ڪري 45 سالن جي ناٺي طارق کوسي کي قتل ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته طارق کي سندس سھري زمين کي پاڻي ڏيڻ کان روڪيو هو، جنهن  تان ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي گھر ڀرسان طارق کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي،  هڪ ٻئي مٿان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. پوليس پهچي ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، قتل ٿي ويل همراهه جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
18%
2.6m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °

تازه ترين خبرون