- Advertisement -
تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي فوري طور عمل ڪرڻ جو مطالبو ۽ ايڊهاڪ ججن جي مقرري خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي گڏيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد پارٽي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته تحريڪ انصاف 70 سيڪڙو پاڪستانين جي ترجمان پارٽي آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف تي پابندي حڪومت جي ختم ٿيڻ جو ڪائونٽ ڊائون هوندو، حڪومت مخصوص سيٽن تي عمل نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل نه ٿيڻ عدالت جي توهين هوندي، پي ٽي آءِ تي پابندي بابت حڪومتي فيصلي جو جواب ڏنو ويندو، عوام جي طاقت سامهون ڪا به شيءَ ناهي.
بئريسٽر گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن کي لڳايو پيو وڃي، هو سمجهن ٿا ته هي قدم بدنيتي تي ٻڌل آهي، چئن ايڊهاڪ ججن کي گڏ آڻڻ جي فيصلي جي مذمت ڪن ٿا، ايڊهاڪ ججن جي مقرري وارو معاملو سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ اماڻي رهيا آهن.
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي عمر ايوب جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي سميت سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ نه ڏني ته آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو.
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجو کسيل مئنڊيٽ ملي رهيو آهي، ملڪ ڪنهن هڪ طبقي جو ناهي.
قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته سندن ون پوائنٽ ايجنڊا آهي ملڪ کي آئين موجب هلايو، نواز شريف ڀڄڻ وارو آهي، کيس ڀڄڻ جو موقعو تڏهن ملندو جڏهن عوام ۾ اچي معافي گهرندو- Advertisement -
