- Advertisement -
آءِ ايم ايف تحريڪ انصاف جي خط کي سياسي معاملو قرار ڏئي رد ڪندي نئين حڪومت سان معاشي پروگرام اڳتي وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عالمي مالياتي اداري جي ترجمان ايسٽر پيرز جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جو آءِ ايم ايف کي لکيل خط سياسي معاملو آهي، اداري جو مئنڊيٽ معاشي مسئلن تائين محدود آهي، اندروني ۽ سياسي مسئلن تي تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي.
جاري ڪيل بيان ۾ عالمي مالياتي اداري جي ترجمان ايسٽر پيرز چيو ته آءِ ايم ايف کي تحريڪ انصاف طرفان 28 فيبروري تي خط مليو هي خط پاڪستان جي قرض پروگرام بابت آهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف هڪ عالمي ادارو آهي، جنهن جو مينڊيٽ معاشي مسئلن تائين محدود آهي، آءِ ايم ايف مقامي ۽ سياسي مسئلن تي تبصرو نٿو ڪري سگهجي.
عالمي مالياتي اداري جي ترجمان ايسٽر پيرز چيو ته آءِ ايم ايف جو مقصد معاشي استحڪام کي وڌائڻ آهي، اقتصادي ۽ پرڏيهي ادائگين جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا.
هن چيو ته ٽيڪس بنياد کي وسيع ڪرڻ لاءِ اوڳاڙي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ضروري آهن.
عالمي مالياتي اداري جي ترجمان ايسٽر پيرز چيو ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ قدمن کي بهتر بڻايو وڃي، سيڙپڪاري ۽ روزگار جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خانگي ڪاروبار لاءِ برابدري جو ميدان هئڻ گهرجي، پاڪستان جي حڪومت درخواست ڪندي ته نئين اقتصادي پروگرام جي حمايت ڪندا…………- Advertisement -
