تازه ترين

تحريڪ انصاف دهشتگردي جي هر صورت مذمت ڪري ٿي، حڪومت جيڪو به آپريشن ڪري ان بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي : پي ٽي آءِ اڳواڻن

- Advertisement -
پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف دهشتگردي جي هر صورت مذمت ڪري ٿي، حڪومت جيڪو به آپريشن ڪري ان بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. اسلام آباد ۾ عمر ايوب ۽ اسد قيصر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ ڇاپي جي هو مذمت ڪن ٿا، پوليس سرچ وارنٽ نه ڏنو، رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو، سندن ڏهن ڪارڪنن جي اڃا تائين خبر ناهي. هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف جي بيان جي هو مذمت ڪن ٿا، تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته آپريشن کان اڳ بريفنگ ڏني وڃي. بئريسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد سندن ايم اين ايز کي کنيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته سندن مرڪزي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو، فارم 47 واري حڪومت کان سپريم ڪورٽ جو فيصلو هضم نه پيو ٿئي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سول حڪومت جي نااهليءَ خلاف هئي، حڪومت کي هوش مان ڪم وٺڻ گهرجي، اها پريس ڪانفرنس ڊي جي آءِ ايس پي آر نه پر عطا تارڙ کي ڪرڻ گهرجي ها. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هائبرڊ نظام وڌيڪ نٿو هلي سگهي، ڇاپي جو حدف سندن ايم اين ايز هئا. اسد قيصر چيو ته سندن ايم اين ايز کي ٽن قسمن جون آڇون ٿي رهيون آهن، پيسا، وزارت ۽ ٽيون کين چيو پيو وڃي ته يا ڪيس لاءِ تيار ٿيو. هن چيو ته هو ملڪ ۾ استحڪام چاهن ٿا، سندن ليڊر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
54 %
1.9kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون