- Advertisement -
پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي ڪير ڀت سان نٿو لڳائي پاڻ لڳي رهي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو ته هو مسلم ليگ ن جا تحادي آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڳالهيون جاري آهن اڃا تائين پ پ جو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ٿيو.
هن چيو ته تحريڪ هلائڻ سان ملڪ ۽ عوام جو ئي نقصان ٿيندو، سي اي سي فيصلو ڪندي ته ڪابينا ۾ شامل ٿيڻو آهي يا نه، اڃا تائين سي اي سي ڪو فيصلو ناهي ڪيو.
پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو ته تحريڪ انصاف کي ڪير ڀت سان نٿو لڳائي پاڻ لڳي رهي آهي- Advertisement -
