توشا خانا جا تحفا وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڊويزن طرفان واڪ طلب ڪيو ويو

- Advertisement -
توشا خانا جا تحفا وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڊويزن طرفان واڪ طلب ڪيو ويو. زيور، گهڙين، گاڏين، ڪار پيٽس سميت ٻين تحفن جو اگهه مقرر ڪيو ويندو. واڪ ۾ حصو وٺندڙن کان 30 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون وينديون. ڪابينا ڊويزن جو چوڻ آهي ته واڪ ۾ حصو وٺندڙن کي مختلف ڪيٽيگرين لاءِ پيپرا رولز تحت پرکيو ويندو. ڪابينا ڊويزن موجب ايف بي آر جي مقرر ڪيل ويليو موجب تحفن جي قيمت مقرر ڪندڙن کي ڏهه، پندرنهن ۽ ويهه هزار ادا ڪيا ويندا. ڪابينا ڊويزن موجب اندازو لڳائيندڙ ٽن ڏينهن ۾ تحفن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڪابينا ڊويزن ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندا، رپورٽ جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ روزانو معاوضي جو هڪ سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ٿيندو. ڪابينا ڊويزن موجب سيڪشن آفيسر توشه خانه ڪامياب اندازو لڳائيندڙ سان هڪ سال جو معاهدو ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
37%
3.6m/s
0%
سُومر
20 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون