توشه خانه ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

- Advertisement -
اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جج محمد بشير طرفان 44 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. عدالتي فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي پرڏيهي سربراهن طرفان 108 تحفا مليا، سعودي ولي عهد کان اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واريءَ گراف جيولري تحفي طور وصول ڪيو، گراف جيولري سيٽ توشا خانه ۾ رپورٽ ته ٿيو پر جمع نه ڪرايو ويو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تحفي جي قيمت جو تعين ڪندڙ پرائيوٽ ماهر تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي اثر رسوخ استعمال ڪيو، گراف جيولري سيٽ  پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي 90 لک رپين ۾ حاصل ڪيو، جيولري سيٽ جي اصل قيمت 3 ارب 16 ڪروڙ  رپين کان وڌيڪ هئي. تحفي جو تعين ڪندڙ صهيب عباسي موجب پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي تحفي جي قيمت گهٽ لڳائي. گواهه بن يامين  موجب گراف جيولري سيٽ جوابدارن توشا خانه ۾ جمع نه ڪرايو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تحفن جي قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي  وزيراعظم آفيس جو غلط استعمال ڪندي 1573ڏهائي 72 ملين جو مالي فائدو حاصل ڪيو. عدالت پاران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي توشا خانه ڪيس ۾ 14-14 سال قيد جو حڪم ٻڌايو ويو، جڏهن ته جيل ۾ گذريل وقت سزا ۾ شامل  تصور ڪيو ويندو…..  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون