- Advertisement -
تيراه وادي ۾ آپريشن دوران 25 دهشتگرد مارجي ويا ۽ چار جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي جي علائقي تيرراه ۾ دهشتگردن ۽ نام نهاد لشڪرِ اسلام ۽ جماعت الاحرار خلاف آپريشن ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب 20 آگسٽ کان هلندڙ آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز هيل تائين 25 دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو، مارجي ويلن ۾ دهشتگردن جو ڪمانڊر ابوذر عرف صدام به شامل آهي.
ڪارروائي دوران 11 دهشتگرد زخمي پڻ ٿيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشنن دوران چار جوانن بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي.- Advertisement -
