ثابت ٿي ويو ته 9 مئي جا واقعا سوچيل سمجهيل سازش هئي: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي وڳوڙ، منصوبا بندي ۽ سازش ثابت ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن وڳوڙ فطري عمل هئا ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري تي ٻيهر اهڙا واقعا ڇو نه ٿيا، قوم پي ٽي آءِ چيئرمين  کي سزا ملڻ ۽ نااهل ٿيڻ تي همدرديءَ جو اظهار ڇو نه ڪيو؟.

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف طرفان شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي، جناح هائوس تي حملو، ڀڃڊاهه ۽ ادارن تي حملا ملڪ ۾ بغاوت جو ثبوت آهي.

سندس چوڻ هو ته شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي سڄي قوم لاءِ افسوسناڪ عمل هو،  9 مئي وڳوڙ، منصوبا بندي ۽ سازش ثابت ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن وڳوڙ فطري عمل هئا ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري تي ٻيهر اهڙا واقعا ڇو نه ٿيا.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته قوم تحريڪ انصاف چيئرمين کي سزا ملڻ ۽ نااهل ٿيڻ تي همدرديءَ جو اظهار ڇو نه ڪيو؟.

هن چيو ته بي اعتمادي رٿ ذريعي اقتدار مان ڪڍڻ بعد اڳوڻو وزيراعظم مسلسل آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙيندو رهيو.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين رٿابندي تحت سوشل ميڊيا تي قومي ادارن کي نقصان پهچائڻ لاءِ مهمون هلرايون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
broken clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
26%
3.1m/s
81%
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون