تازه ترين

جان ابراهم ڀارت کي عورتن، ٻارن ۽ جانورن لاءِ غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو جان ابراهيم چيو آهي ته عورتن، ٻارن ۽ ايتري تائين جو جانورن لاءِ به ڀارت محفوظ ملڪ نه آهي. ڀارتي ميڊيا موجب جان ابراهم پنهنجي ويجهڙ ۾ ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڀارت جي مردن کي سمجهڻو پوندو ته هنن کي عورتن سان ڪيئن ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، انهن جي حفاظت ڪيئن ڪرڻ گهرجي، ڇوته مرد ئي عورتن جا محافظ آهن. جان ابراهم چيو ته مرن کي اهو سمجهڻ جي گهرج آهي ته عورتون رانديڪو نه آهن بلڪ اهي اسان جي عزت آهن، جيڪڏهن اسان عورتن جي عزت ڪنداسين ته ان سان اسان جي عزت جي حفاظت ٿيندي. اداڪار چيو ته ڀارت ۾ جانورن جي تحفظ لاءِ ڪوبه قانون نه آهي، عورتون ۽ ٻار محفوظ نه آهن، ڇا ان عدم تحفظ تي ڪو مونسان بحث ڪرڻ چاهيندو؟ هن چيو ته ڀارت مَهان آهي جو نعرو لڳائڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، جيڪڏهن واقعي ڀارت سان محبت آهي ته هتي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريو، مونکي به ڀارت سان پيار آهي پر مان هن ملڪ ۾ ٿيندڙ جهالت تي تنقيد به ڪندس……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون