تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس ٿيندو

- Advertisement -
جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس ٿيندو، خاص ڪميٽيءَ  جسٽس يحيٰ آفريديءَ کي سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. 26هين آئيني ترميم لاڳو ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ لاءِ خاص پارلياماني ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس ٿيو. ٻارهن رڪني خاص پارلياماني ڪميٽيءَ جو بند ڪمري ۾ اجلاس پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم نمبر 5 ۾ ٿيو. سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، اجلاس ۾ راجا پرويز اشرف، فاروق ايڇ نائڪ، سيد نويد قمر، ڪامران مرتضيٰ، رعنا انصار، احسن اقبال، شائسته پرويز ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ خواجه آصف شريڪ ٿيا. ڪميٽيءَ ۾ چيف جسٽس جي مقرريءَ لاءِ سيڪريٽري قانون طرفان موڪليل ٽن ججن جا نالا رکيا ويا. اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل ۽ پي  ٽي آءِ جي ميمبرن کي راضي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اجلاس رات تائين ملتوي ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جي اياز صادق بئرسٽر گوهر کي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، چار رڪني ڪاميٽي سان به ڳالهيون ناڪام رهيون. خاص پارلياماني ڪميٽيءَ جو اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ڪنهن ۾ ٽن سينيئر ترين ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو. ڪميٽيءَ جسٽس يحيٰ آفريديءَ کي سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. خاص پارلياماني ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريديءَ جو نالو وزيراعظم ڏانهن موڪليندي، جنهن بعد  وزيراعظم صدر کي نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي ايڊوائز ڏيندو. صدر جي منظوري بعد يحيٰ آفريديءَ کي سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
29 %
2.3kmh
0 %
آچر
22 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون