- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيندڙ ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس جمال مندوخيل کي خط لکي جڊيشل ڪميشن ۾ سياسي مقرريءَ جي خطري جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
ججن جي مقرريءَ لاءِ قاعدا ۽ ضابطا ٺاهڻ واري معاملي ۾ جسٽس منصور علي شاهه پنهنجون تجويزون موڪلي ڇڏيون آهن.
جسٽس منصور علي شاهه، قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيندڙ ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس جمال مندوخيل کي خط لکيو.
خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ججن جي مقرريءَ ۾ عدليا جو ڪردار اهم هوندو آهي، 26هين آئيني ترميم بعد اهو توازن خراب ٿي ويو آهي، هاڻي ججن جي مقرريءَ ۾ ايگزيڪيٽو جو ڪردار وڌي ويو آهي.
هن لکيو ته هڪ به مقرري سخت ضابطن خلاف ٿي ته عدليا تي اعمتاد ۾ گهٽتائي ايندي، جڊيشل ڪميشن ضابطا ٺاهڻ وارو معاملو عدليا جي آزاديءَ لاءِ اهميت وارو آهي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 175 فور جڊيشل ڪميشن کي رولز ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائي ٿو.
خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ عدليا بدران ايگزيڪيٽوز جي اڪثريت آهي، جنهن سبب سياسي مقرريءَ جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته آئيني ترميم بعد جڊيشل ڪميشن ۾ عدليا اقليت ۽ ايگزيڪيٽو اڪثريت ۾ آهي.
سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج لکيو ته ايگزيڪيٽو جي اڪثريت سان سياسي مقررين جو خطرو هوندو آهي، شفاف رولز تحت ٿيندڙ مقرريون عدليا جي آزادي يقيني بڻائينديون.- Advertisement -
