جيڪب آباد سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا  غفلت سبب شاگردياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي

- Advertisement -
جيڪب آباد سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا  غفلت سبب شاگردياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جڏهن ته وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارثن ستين ڪلاس جي شاگردياڻي فضا ميمڻ کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب علاج لاءِ سول اسپتال پهچايو. فضا ميمڻ مبينا طور علاج نه ٿيڻ سبب اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. وارثن پاران ڊاڪٽرن جي مبينا لاپرواهي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شاگردياڻي جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو فضا ميمڻ کي مٿي جي سور سبب سول اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو، ڊاڪٽر علاج ڪرڻ بعد رڳو هڪ ٽيبليٽ ڏني. هنن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽر ۽ عملي جي غفلت سبب فضا ميمڻ فوت ٿي آهي، ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
48%
1.3m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
36 °

تازه ترين خبرون