- Advertisement -
مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن برسات سبب لاهور جي ڪراچي جهڙي حالت ٿي ها ته اليڪشن ئي نه وڙهن ها.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف چيو ته سندن دور ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سميت ٻيا عالمي ادارا به شاهدي ڏئي رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ ڪرپشن جو پئسو هر پاسي هليو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ هڪ سر نه لڳي پوءِ به ڪرپشن انڊيڪس وڌي وئي، ٽرانسپيرينسي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو ته چور ڪير آهي، تحريڪ انصاف وارن کي هاڻي پنهنجي پارٽي بدران ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ تي ووٽ ڏيڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف 1997ع ۾ موٽروي قائم ڪئي جنهن سبب مٿن ڪرپشن جا الزام هنيا ويا پر ڪو الزام ثابت نه ٿي سگهيو.
شهباز شريف چيو ته سندس خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن جو الزام ثابت ٿي وڃي ته پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيندو.
هن چيو ته ثاقب نثار کيس گهرائي سوال ڪيو ته توهان بجلي لاءِ ڇا ڪيو، هن کيس جواب ڏنو ته توهان ٿڌي ڪمري ۾ ائين ئي ويٺا آهيو؟
سندس چوڻ هو ته نواز شريف ماضي جون تلخيون وساري آيو آهي، عمران خان چوندو هو ته کيس بخش نه ڪندو، نواز شريف ڪڏهن به اها ڳالهه نه ڪئي آهي.
شهباز شريف چيو ته ڪراچي سمنڊ بڻجي ويو آهي، بلاول سان مناظرو نه پر ڀيٽ ٿيڻ گهرجي، برسات کانپوءِ ڪراچي ۾ ڀيٽ ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ برسات جي پاڻي جي سمنڊ سان ڀيٽ ٿي وئي آهي، جيڪڏهن اها صورتحال لاهور جي هجي ها ته هو اليڪشن تان هٿ کڻي وڃي ها ۽ بلاول کي چوي ها ته سندس تڪ مان چونڊ وڙهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان سندس سٺا لاڳاپا رهيا آهن، هو جتي چاهي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي.
شهباز شريف چيو ته هر ڪو بينر هڻي ۽ چونڊ مهم ۾ حصو وٺي سگهي ٿو پر پئسن سان ووٽ خريد ڪرڻ ووٽن جي بدترين توهين آهي.- Advertisement -
