تازه ترين

حضور ڪريم صلعم جي زندگي سندن لاءِ مشعل راهه آهي:مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حضور ڪريم صلعم جي زندگي سندن لاءِ مشعل راهه آهي، ٻنهي جهانن جي سردار جي سيرت مبارڪ تي عمل ڪري ئي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران وزيراعليٰ هائوس ۾ عيد ميلادالنبي صلعم جي محفل ڪوٺائي وئي. ترجمان موجب، ميلاد محفل ۾ صوبائي وزيرن، عالم سڳورن، سيڪريٽريز ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ميلاد محفل ۾ ناليوارن نعت خوانن نبي ڪريم صلعم جي شان ۾ نعتون پڙهي ميلاد کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ترجمان موجب، حاجي غلام محمد سوهو حضور صلعم جي سيرت تي تفصيلي روشني وڌي، مصر جي عظيم درسگاهه جامعه اظهر جي اسڪالر ڊاڪٽر يوسري رشدي السيد جبر به ٻنهي جهانن جي سردار جي سيرت مبارڪ بابت خطاب ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حضور ڪريم صلعم جي زندگي سندن لاءِ مشعل راهه آهي، ٻنهي جهانن جي سردار جي سيرت مبارڪ تي عمل ڪري ئي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. وڏي وزير جي ترجمان موجب، پروگرام جي پڄاڻي تي ملڪ ۽ صوبي جي خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون