- Advertisement -
اڳوڻي ايم اين اي ريحان ھاشمي چيو آھي ته اڄ جي نوجوانن ۾ تمام وڏو ٽيلينٽ موجود آھي پر وسيلن جي کوٽ ۽ سنڌ حڪومت جي دلچسپي نه ھئڻ ڪري ڪڪ پاڪسنگ واري راند پوئتي پوندي پئي وڃي ۽ گرائونڊ به اجڙي رھيا آھن.
ڪراچي جي علائقي نئون ناظم آباد ۾ سنڌ ڪڪ باڪسنگ ايسوسيئيشن جي نئين باڊي جو اعلان ڪيو ويو.
تقريب ۾ سنڌ اولمپڪ جي جنرل سيڪريٽري احمد علي راجپوت، سنڌ اسپورٽس بورڊ سينٽرل جي ڊائريڪٽر حاجران نواب ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد، سکر ۽ ميرپور خاص سميت مختلف ضلعن جي رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سنڌ ڪڪ پاڪسنگ جي پيٽرن چيف خرم شاھه نئي چونڊيل باڊي جي عھديدارن جو اعلان ڪيو.
نئي باڊي ۾ اڳوڻي ايم اين اي ريحان ھاشمي کي چيئرمين، حافظ فرحان عالم کي صدر، وجاهت خان جنرل سيڪريٽري، ذوالفقار لاکو نائب صدر ۽ ٻيا عهديدار چونڊيا ويا.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوانن ۾ ٽيلينٽ جي ڪا به کوٽ ناهي، پر وسيلن جي کوٽ جي ڪري هي راند زوال جو شڪار ٿيڻ وڃي پئي.
ھنن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ راندين واري وزارت ھوندي به راند جا ميدان ويراني جو ڏيک ڏين ٿا ۽ راند جي ميدانن مٿان قبضا شروع ڪيا ويا آھن.
سندن چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته راندين کي ھٿي وٺرائي راند جا ميدان آباد ڪري نوجوانن جي ٽيلنٽ کي اجاگر ڪيو وڃي.
ان موقعي تي مھمانن سان گڏ نئي چونڊيل باڊي جي عھديدارن کي سنڌ جي سوکھڙي اجرڪ پھرايا ويا.- Advertisement -
