- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس، يمن خلاف امريڪي ۽ برطانوي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو خطي جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو ذميوار امريڪا کي قرار ڏين ٿا.
حماس جو چوڻ آهي ته امريڪي حملو ڏوهه، يمن خلاف جارحيت ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، امريڪا ۽ برطانيا يهودي قبضي کي بچائڻ ۽ اسرائيلي ڏوهن تي پردو وجهڻ لاءِ آيا آهن.
حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن امريڪا ۽ برطانيا يمن ۾ حوثين خلاف نئون محاذ کوليو ۽ فلسطينين سان حمايت جي ظهار ۾ گڏ بيٺل يمني حوثين خلاف امريڪي ۽ برطانوي جهازن بمباري شروع ڪئي.- Advertisement -
