- Advertisement -
حيدرآباد ۾ سي اين جي اسٽيشن تي گيس ڀرڻ دوران ڌماڪي بعد وين کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾6 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.
نسيم نگر واري علائقي ۾ سي اين سي اسٽيشن تي وين ۾ گيس ڀرڻ دوران زوردار ڌماڪو ٿي پيو.
ڌماڪي کانپوءِ مسافر وين کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول سپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو.
اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي زخمي ٿيلن کي برنس وارڊ ۾ کي طبي امداد ڏني پئي وڃي
- Advertisement -
