- Advertisement -
حيدرآباد ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو بيدردي سان قتل ٿي ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن پاران لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
هٽڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور خان چانگ ۾ چانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 18ورهين جو سعود چانگ قتل ٿي ويو.
پوليس اعظم ۽ سعد کي ڪيس ۾ نامزد ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي.
مقتول جي وارثن پاران لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ حد جي پوليس به ڌرڻي واري هنڌ پهتي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ وڌيڪ جوابدار نامزد ڪيا وڃن.
پوليس موجب، ڪيس مائٽن جي مرضي موجود داخل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
