تازه ترين

حيدرآباد ۾ ڊينگي 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 3 حياتيون کسي ورتيون

- Advertisement -
حيدرآباد ۾ ڊينگي 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 3 حياتيون کسي ورتيون. لطيف آباد نمبر 9 ۾ ڊينگي وگهي نوجوان ناري فوت ٿي وئي، جنهن بعد ڊينگي سبب فوتگين جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي. ڊينگي وگهي لطيف آباد يونٽ نمبر 9 جي رهواسڻ نوجوان ناري عليشبه ڊينگي سبب سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. لطيف آباد واسي نوجوان محمد ارشد مدني ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. پڪي قلعي واسي 13ورهين جي هانيا به ڊينگي وگهي فوت ٿي وئي. شهر ۾ 24ڪلاڪن اندر ڊينگي جا وڌيڪ 793 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ 233 ڊينگي متاثرن جو علاج هلندڙ آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
44 %
1.6kmh
64 %
اڱارو
25 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون