تازه ترين

حڪمرانن پنهنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آهي:اياز لطيف

- Advertisement -
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف چيو آهي ته حڪمرانن پنهنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آهي. رواداري ايڪشن ڪميٽي پاران اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ احتجاجي ريلي جي دعوت  ڏني وئي، جنهن بعد اياز لطيف پليجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊر شپ جي ضرورت آهي، سنڌ جو هر نوجوان تعليم يافتا هجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني هجي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻهن وٽ يرغمال بڻيل آهن، سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بڻايو ويو آهي، ادارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي.، سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بڻايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻهن جي پٺيءَ ۾ خنجر هڻي سنڌ کي مڪمل تباهه ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته کين انتهاپسندي جي اوٽ ۾ گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اهڙي گمراهه ڪندڙ انتهاپسندي کي اهي هميشه رد ڪن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون