تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ پلان تيار ڪري ورتو

- Advertisement -
حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ پلان تيار ڪري ورتو، اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ايونيو مارگلا روڊ ٻنهي پاسن کان ڪنٽينر  لڳائي بند ڪيو ويو آهي. ايڪسپريس وي، ڊي چوڪ ۽ زيرو پوائنٽ تي به ڪنٽينر لڳايا ويا آهن، اسلام آباد ۾ آءِ جي پي کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس سروس بند رهندي، جڏهن ته جاڙن شهرن ۾ سڀاڻي ميٽرو بس سروس مڪمل طور بند رهندي. وفاقي راڄڌاني ۾ بس اڏا به بند ڪيا ويا آهن، راولپنڊي ۾ به انٽر سٽي ٽرانسپورٽ اڏا ايندڙ حڪم تائين بند رهندا، جڏهن ته مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ 30 هزار اضافي پوليس اهلڪار اسلام آباد پهچي ويا آهن. پنجاب مان 19 هزار ۽ سنڌ مان 5 هزار پوليس اهلڪار اسلام آباد ۾ پهچي ويا آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير کان هڪ هزار ۽ 5 هزار ايف سي اهلڪار به اسلام آباد پهچي ويا آهن. سموري نفري امن امان جي صورتحال ۾ اسلام آباد پوليس جي مدد ڪندي. ايندڙ حڪم تائين موٽر وي کي 8 هنڌن کان بند ڪيو ويو. حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب، پشاور کان اسلام آباد ۽ لاهور کان اسلام آباد موٽر وي بند هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته موٽروي ايم ٿري لاهور کان عبدالحڪيم، ايم فور پنڊي ڀٽيان کان ملتان، موٽروي ايم 11 لاهور کان سيالڪوٽ، موٽروي ايم 14 ڊي آءِ خان کان هڪله ايندڙ حڪم تائين بند رهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
12 %
2.6kmh
97 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون