حڪومت جي پهرين ترجيح مالياتي خسارن تي ضابطو آڻڻ هجڻ گهرجي:ماهر قيصر بنگالي

- Advertisement -
ناليواري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو آهي ته حڪومت جي پهرين ترجيح مالياتي خسارن تي ضابطو آڻڻ هجڻ گهرجي، ڪجهه ادارا بند ٿيڻ سان 30 ارب رپين جي بچت ٿي سگهي پئي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قيصر بنگالي چيو ته وفاقي جي نئين سر تنظيم سازيءَ لاءِ پاورڊ ڪميٽي فار رائيٽ سائزنگ تان استعيفيٰ ڏني. هن چيو ته مجموعي طور 40 ڊويزنون آهن، پنجن ڊويزن بابت مختلف وقتن تي فيصلو ڪرڻ جي سفارش ٿي هئي، هر ڊويزن جي ماتحت اداري جي سربراهه کي طلب ڪري انٽرويو جي تجويز ڏني وئي هئي. قيصر بنگالي چيو ته رڳو پاپوليشن جا 3 ادارا آهن ۽ انهن جي موجودگيءَ ۾ آباديءَ تي ضابطو نه اچي سگهيو. هن چيو ته هڪ کان سورهين گريڊ تائين ڏيڍ لک ملازمن جون جايون ختم ڪرڻ ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نجڪاريءَ ڪميٽيءَ واري سفارش کي به چئلينج ڪيو. قيصر بنگالي چيو ته 40 ورهين کان سميڊا قائم آهي، جنهن جي ڪا به ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي، انڊسٽري بند ٿي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
21%
1m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون