حڪومت سان ڳالهيون وقت جي اهم ضرورت آهي، پي ٽي آءِ کي اپيل آهي ته اها سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪري:محمود خان اچڪزئي

- Advertisement -
پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي پاڪستان تحريڪ انصاف کي سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته حڪومت سان ڳالهيون وقت جي اهم ضرورت آهي، پي ٽي آءِ کي اپيل آهي ته اها سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪري. هن چيو ته پي  ٽي آءِ کي صلاح ڏني آهي ته ڳالهين ۾ طئه ٿيڻ گهرجي ته حڪومت ڪڏهڻ هٽندي؟ ڳالهين سان مسئلن جو حل نڪري ته ان کان وڌيڪ بهتر ڪا به ڳالهه ناهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن ڳالهين ذريعي مسئلا حل نٿا ٿين ته تحريڪ هلائڻي پوندي. پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه چيو ته ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ هو چئن مهينن ۾ چونڊن جو مطالبو ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
moderate rain
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
82%
6.1m/s
63%
ڇنڇر
25 °
آچر
29 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون