- Advertisement -
حڪومت نئين مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، بجيٽ اجلاس 10 جون شام پنجين وڳي گهرائڻ جي تجويز آهي، بحث لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جلاس جي سمري اماڻي وئي وئي.
اربع ڏينهن حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي صلاح مشوري واري ويهڪ ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو، ٻنهي پارٽين وچ ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جو ڪاٿو وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو لڳ ڀڳ 200 ارب وڌايو ويندو.
قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کان اڳ وفاقي ڪابينا جو به اجلاس ٿيندو.
وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويندو.
ڪابينا اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ تي بريفنگ ڏني ويندي، ڪابينا مان منظوري کانپوءِ بجيٽ دستاويز اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا ويندا.- Advertisement -
