- Advertisement -
حڪومت ٽيڪس نظام ۾ نوان سڌارا آڻڻ ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ۽ هيسائڻ جي خاتمي لاءِ ٽيڪس سڌارا ضروري آهن، ٽن سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 13 سيڪڙو ڪئي ويندي، ڊجيٽائيزيشن جي عمل کي تيزي سان وڌايو پيو وڃي، ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، اوڳاڙين جا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نظام ۾ موجود نقص جلد ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته سڌارن جي ايجنڊا ۾ ٽيڪسيشن جو اهم ڪردار آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي موجوده شرح 9 کان 10 سيڪڙو وچ ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي هدف کي 13 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي رهيا آهن، معاشي استحڪام لاءِ ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته روينيو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ٽيڪسن جي اوڳاڙي لاءِ سڌارن جي شروعات ڪري چڪا آهن، جيڪي به قدم کڻي رهيا آهن، قوم کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته ڪرپشن ۽ هيسائڻ جي خاتمي لاءِ ٽيڪس سڌارا ضروري آهن، ڊجيٽائيزيشن جي عمل کي تيزي سان وڌايو پيو وڃي، ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن کي ساڍا 13 سيڪڙو تائين آڻڻ آهي، ٽيڪس بابت اهو هدف کين ٽن سالن ۾ حاصل ڪرڻو آهي، ملڪ مان ڪرپشن ۽ هيسائڻ جو خاتمو ضروري آهي.
مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته هر شخص کي پنهنجي حصو جو بار کڻڻو پوندو، کين پنهنجي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، عام ماڻهو جي خريداري جي سگهه کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن.
سندس چوڻ هو ته عوام جو مسئلو مهانگائي آهي، عام ماڻهو لاءِ سڀ کان وڏي ٽيڪس مهانگائي جي صورت ۾ لاڳو ٿيندي آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ گورننس ذريعي بهتري آندي وئي.
مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته شهباز شريف جي ڪوششن سان مهانگائي 40 کان سنگل ڊيجٽ ۾ اچي وئي آهي، هڪ لک 90 هزار سرندي وارن ماڻهن ٽيڪس گوشوارا جمع ناهن ڪرايا، جن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو ته ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، ٽيڪس نظام ۾ جديد ٽولز متعارف ڪرايا آهن، ٽيڪس ادائگي لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي، 27 لک ماڻهن ٽيڪس گوشوارا جمع ناهن ڪرايا، هڪ لک 90 هزار ماڻهن کي نوٽيس ڏنا، نوٽيس تي 38 هزار ماڻهن گوشوارا جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو ته سمورا ادارا ايف بي آر سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ٽيڪس اوڳاڙي بابت ٽاپ پنج سيڪڙو تي سندن فوڪس آهي، ٽاپ فائيو جي 33 لک ۾ 6 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيندا آهن………- Advertisement -
