تازه ترين

حڪومت پيپلز پارٽيءَ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا

- Advertisement -
حڪومت پيپلز پارٽيءَ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا. اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران پ پ پنهنجا اعتراض حڪومت سامهون رکيا،  غور ويچار کانپوءِ حڪومت پ پ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا. ذريعن موجب ترقياتي فنڊن ۽ پنجاب ۾ انتظامي عهدن تي پ پ کي اوليت ڏني ويندي. اجلاس کانپوءِ پ پ جي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شامل نديم افضل چن چيو ته پنجاب جي معاملن ۾ گنجائش جو مسئلو هو، مڪاني ادارن جي چونڊن جو معاملو آهي. هن چيو ته پ پ چاهي ٿي ته ڪنهن کي انتقام جو نشانو نه بڻايو وڃي، پنجاب ۾ سٺي گورننس ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت سان سندن ڪيترائي مسئلا حل ٿي چڪا آهن، هاڻي لکت معاهدي جي سلسلي ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
29 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
8 %
3.3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون