خيبرپختنخواهه جي علائقي ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران  3 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
خيبرپختنخواهه جي علائقي ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران  3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي ڳجهي اطلاع تي ٽانڪ ۾ آپريشن ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾  فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ عظمت عرف عظمتي، ڪرامت عرف حنزله ۽ ريحان جي نالي سان ٿي آهي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد ڏکڻ وزيرستان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي اغوا سميت دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
64%
0.5m/s
0%
اربع
15 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون