تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خيبرپختونخوا جي ضلعي مردان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، ايس پي شهيد، 3 اهلڪار زخمي

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي ضلعي مردان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  ايس پي شهيد ٿي ويو ۽ ڊي ايس پي سميت ٽي اهلڪار  زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه دهشتگرد به مارجي ويا. مردان ضلعي جي علائقي  ڪاٽلنگ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران  دهشتگردن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني. سي ٽي ڊي ذريعن موجب دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس پي اعجاز خان شهيد ٿي ويو. سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ ڊي ايس پي نسيم خان، ٻه اهلڪار منصور ۽ سليم زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ پوليس کي گهربل دهشتگرد محسن قادر سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته  زخمي ڊي ايس پي ۽ اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد ايس پي اعجاز خان جي پوليس لائنز ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پوليس موجب، جنازي نماز ۾ ڊي پي او مردان ۽ ٻين پوليس عملدارن شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون