- Advertisement -
پاڪ فوج ايل او سي تي ڀارتي هوائي فوج جو ڪوآڊ ڪاپٽر تباهه ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي پاڪستاني علائقي جي جاسوسي ڪندڙ ڀارتي هوائي فوج جي ڪو آڊ ڪاپٽر کي تباهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج کي پاڪستاني حدن مان ڀارتي ايئر فورس جي تباهه ٿيل ڪوآڊ ڪاپٽر جي باقيات ملي وئي آهي، جنهن تي ڀارتي ايئرفورس جي يونٽ جو نشان به موجود آهي.
ياد رهي ته 27 فيبروري 2019ع تي به پاڪ فضائيه آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ ۾ پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارتي جنگي جهازن کي ڪيرايو هو.- Advertisement -
