نئين حڪومت جي جوڙجڪ پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، هو ان ۾ مداخلت نه ڪندا : ميٿيو ملر

- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمين مـَيٿوِ ملر چيو آهي ته نئين حڪومت جي جوڙجڪ پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، هو ان ۾ مداخلت نه ڪندا. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي جوڙجڪ ۾ امريڪا ڌر نه بڻجندو. سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان ۾ حڪومت کي ان انداز ۾ اڳتي وڌندي ڏسڻ چاهن ٿا جيڪا پاڪستاني عوام جي مرضيءَ جي عڪاسي ڪري. هن چيو ته نئين حڪومت جو قيام پاڪستان جو پنهنجو اندروني معاملو آهي، هو چاهن ٿا ته رپورٽ ڪيل بي ضابطگين جي جاچ جلد کان جلد مڪمل ٿيڻ گھرجي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان، پاڪ ايران گئس لائين منصوبي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هنن اڃا اهي رپورٽون ناهن ڏٺيون. ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران ڀارت ۾ هارين جي احتجاج تي تشدد وارين رپورٽن تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
19%
2.7m/s
0%
سُومر
21 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون